واشنگٽن -04 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪا جي انصاف واري کاتي روس جا ضبط ٿيل پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن مان هڪ ارب ڊالر يوڪرين لاءِ استعمال ۾ آڻڻ جو اشا??و ڏنو آهي، آمريڪا جي ڊپٽي اٽارني جن??ل ليزا مونا امريڪي ٽي وي چينل کي ڏنل انٽرويو ۾ ٻڌايو ته آمريڪا گذريل فيبروري کان هاڻي تائين دنيا جي مختلف ملڪن ۾ روس جا هڪ ارب ڊالرن جي برابر پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا ضبط ڪيا آهن. هن چيو ته اسان آمريڪي ڪانگريس کان انهن فنڊن کي يوڪرين جي عوام جي بهتري لاءِ خرچ ڪرڻ جي اجازت گهري آهي. واضح رهي ته آمريڪا جن م??ڪن ۾ روس جا پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا ضبط ڪيا آهن انهن ۾ برطانيه، فرانس، جرمني ۽ اٽلي شامل آهن.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے انعامات