جده _ 21 جون (اي پي پي ) حج سيزن 2024ع جي پُڄاڻي تي حاجين ج?? پنهنجي ملڪن ڏانهن واپسي جاري آهي. خابرُو اداري مطابق جده جي ڪنگ عبد العزيز انٽر نيشنل ايئر پورٽ تان هيستائين اڍائي لک حاجي واپس روانه ٿي چڪا آهن. ان کان علاوه مد??نه منوره ??يئر پورٽ تان پڻ حاجين ج?? روانگي جاري آهي. مد??نه منوره جي امير محمد بن عبد العزيز انٽر نيشنل ايئر پورٽ تي جنرل ڊائريڪٽوريٽ آف پاسپورٽ جي ترجمان ميجر ناصر العتيبي چيو آهي ته ايئر پورٽ تي ڪائونٽرز 24 ڪلاڪ ڪم ڪري رهيا آهن ۽ ڊيپارٽمنٽ ۾ ڪم ڪندڙ مرد ۽ عورتن پوري محنت سان حاجين ج?? روانگي ج?? عمل کي تيز ۽ آسان بڻايو آهي. مد??نه منوره ??يئر پورٽ تي پاسپورٽ کاتي جي ڪائونٽر ويجهو حاجين لاءِ قرآن پاڪ جو نسخو سندن زبان ۾ رکيو ويو آهي جيڪو روانگي جي وقت هر حاجي کي فراهم ڪيو ويندو .
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی ترکیبیں