رياض-03 ڊسمبر (اي پي ??ي )سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان سان گذريل ڏينهن فرانس جي ??در ايمانويل ميڪرون ملاقات ڪئي جنهن دوران گڏيل دلچسپي ??ارن معاملن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي ميڊيا موجب رياض جي قصر اليمامه ۾ فرانس جي ??در جي ??جيان لاءِ باضابطه تقريب جو اهتمام ڪيو ويو. ملاقات دوران سعودي عرب ۽ فرانس وچ ۾ ٻه طرفن لاڳاپن جو ج??ئز?? ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي گڏيل ڪوششن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل مفادن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻنهي ملڪن ۾ سيڙپڪاري، علائقائي ۽ عالمي صورتحال ، گڏيل ڳڻتي وارن معاملن ۽ ان حوالي سان ڪيل ڪوششن جي ??والي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. شهزاده محمد بن سلمان ۽ فرانس جي ??در جي موجودگي ۾ سعودي عرب ۽ فرانس وچ ۾ اسٽريٽجڪ شراڪتداري ڪائونسل جوڙڻ لاءِ مفاهمتي ياداشت تي سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان ۽ فرانس جي وزير ۽ پرڏيهي وزير نويل باروٽ صحيحيون ڪيون.
سعودي عرب جي ولي عهد سان فرانس جي صدر جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : مڈاس گولڈ