اسلام آباد – 24 مئي (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته قومي اسيمبل?? ۾ ??اٽا جي حوالي سان قومي اتفاق راءِ انتهائي خوش آئنده آهي، اهڙي موقعي تي ڪنهن جا جذبا مجروح ڪرڻ درست ناهي، پاڪستان نفرت جي سياست ۽ چونڊن ۾ دير جي سٽ سهي ن??و سگهي، پاڪستان جي اخلاق کان هٽي ڪري بدتميزي جي سياست جي ڪا به گنجائش نه آهي، فاٽا جي عوام کي اهي سهولتون ڏيڻ گهرجن جيڪي ملڪ جي باقي عوام کي حاصل آهن، اسان جو مقصد قبائلي علائقن جي عوام جو اعتماد حاصل ڪرڻ آهي ۽ اهو ئي اسان جو رهنما اصول رهندو. قومي اسيمبل?? ۾ ??اٽا انضمام بل جي حوالي سان 31 هين آئيني ترميم جي منظوري کانپوءِ ايوان ۾ خيالن جو اظهار ڪندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته قومي اسيمبلي اڄ هڪ تاريخي بل پاس ڪيو آهي.
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کی پیش گوئی