امراوتي- 22 آگسٽ (اي پي پي) ڀارتي رياست آنڌرا پرديش ۾ دوائون ٺاهيندڙ ڪمپني ۾ ٿيل هڪ ??ماڪي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 17 ڄڻ?? فوت جڏهن ته 34 زخمي ٿي پيا. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق رياست جي اسپيشل اڪنا??ڪ زون ۾ هڪ فارماسيوٽيڪل فرم ايسائنٽيا ۾ زوردار ڌماڪو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ ڪمپني جا 17 ملازم ف??ت ۽ 34 زخمي ٿي پيا. ڌماڪو منجهند جي ماني جي وقت ٿيو، ڌماڪي جو سبب هن وقت تائين معلوم ناهي ٿي سگهيو. پوليس سپرنٽنڊنٽ ملازمن جي فوتگي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته ڌماڪو ري ايڪٽر واري هنڌ ٿيو ۽ ان جو سبب معلوم ڪيو پيو وڃي.
مضمون کا ماخذ : مصری ڈریمز ڈیلکس