واشنگٽن -28 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير رضوان سعيد شيخ عالمي برادري ۽ انساني حقن جي تنظيمن تي زور ڀريو آهي، ته اهي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڪشميرين جي خراب حالت کي اجاگر ڪرڻ ۽ پراڻي ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن پاڪستاني سفارتخاني ۾ ڪشمير جي ڪاري ڏهاڙي جي ??ناسبت سان منعقد ٿيل وڏي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي چيو ته اهو ڪيس اسان جي حق ۾ آ??ي ۽ ان کي عالمي سياسي ۽ معاشي صورتحال ۾ ??رس?? وقت تي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن ان موقعي تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ??هرائن جو حوالو ڏنو جيڪي گڏيل قومن جي ??گراني هيٺ راءِ شماري ڪرائڻ ۽ ڪشميري عوام کي پنهنجي ??ستقبل جو فيصلو ڪرڻ جو حق ڏئي ٿي. هن چيو ته علائقي جي تاريخ اسان جي حق ۾ آ??ي، اهو ڏينهن هر سال 27 آڪٽوبر 1947ع تي ان ڏين??ن جي ياد ۾ ملهايو ويندو آهي، جڏهن ڀارت ڪنهن قانوني جواز کانسواءِ ڄمون ڪشمير رياست تي زبردستي قبضو ڪري ورتو هو. پاڪستاني سفير چيو ته تاريخ رڪارڊ اسان لاءِ هڪ اثاثو آهي ۽ هر پليٽ فارم تي ان جو حوالو ڏيڻ ۽ برقرار رکڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ نائب وزيراعظم۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جا ??يغام پڻ پڙهي ٻڌايا ويا.
عالمي برادري ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ قدم کڻي: پاڪستاني سفير رضوان شيخ
مضمون کا ماخذ : como jogar dupla sena